ويب ڪيمرا ڇا آهي ۽ ڇا جي لاء استعمال ڪئي ويندي آهي ؟


ويب ڪيمرا هڪ ان پٽ ڊوائيز آهي جنهن کي اسان ويب ڪيم به سڏيندا آهيون هي پرزو ڪمپيوٽر جي سي پي يو سان ۽ ڪمپيوٽر سافٽويئر سان جوڙيو ويندو آهي ويب ڪيمرا هڪ وڊيو ڪيمرا آهي جديد طرز تي آيل ويب ڪيمرا سان اسان هڪ ئي وقت آواز ۽ تصوير کي ڪمپيوٽر جي ايپليڪيشن سافٽ ويئر کي ان پٽ مواد فراهم ڪري سگهندا آهيون جنهن سان اسان ڪمپيوٽر جي ڊسپلي اسڪرين تي ڏنل تصوير ڏسي سگهنداسون ۽ پنهنجي رڪارڊ ڪيل آواز کي ڪمپيوٽر جي لائوڊ اسپيڪر ذريعي ٻڌي سگهنداسون ويب ڪيمرا ۽ انٽرنيٽ ذريعي اسان پنهنجي ڪنهن ڪلائينٽ کي ڪمپيوٽر جي ڊسپلي اسڪرين تي ڏسي ۽ لائيو ڳالهائي ۽ ٻڌي سگهون ٿا





Comments

Popular Posts